سدا گلاب 1

سدا گلاب 1

سدا گلاب 1

سدا گلاب (China Rose): هڪ سدابهار ٻوٽو، جنهن جو اصل وطن اوڀر ايشيا آهي. هي گل ملائشيا جي ’قومي گل‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هوائي (Hawaii) جو ڏيهي گل پڻ آهي. سدا گلاب آبهوا جي علائقن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن گل ۾ عام طور خوشبو نٿي ٿئي. سدا گلاب پنهنجي وڏن ۽ ڳاڙهن گلن جي سبب ڪيترن ئي مٺاڻ چوسيندڙ پکين لاءِ اهم آهي، پر هي گل گرم ۽ ٿڌن علائقن ۾ ميٽر پکي يا فوسڙي (Humming Birds) جي لاڳيتي اچڻ کي وڌائي ٿو. هي گل چين ۾ چائنا روز، ملائشيا جي مقامي ٻوليءَ ۾ ڪيمبنگ سپاتو طور مشهور آهي. هي گل ملائشيا ۾ 12 صدي ۾ ملائي ٻيٽ (Malay Peninsula) ۾ متعارف ٿيو، جيڪو 1960ع ڌاري ملائشيا جي ’قومي گل‘ طور مڃيو ويو. هن گل جون ڳاڙهيون پنکڙيون همٿ، زندگي ۽ ملائشيا جي ترقي جي علامت سمجهيو ويو. هي گل دنيا جي گرم، نيم گرم ۽ ڪوسي ٿڌن علائقن ۾ وڌي ٿو. هن گل جا ڪجهه حصا طبي طور ڪتب اچن ٿا، جنهن ۾ گل، پن ۽ پاڙون اچي وڃن ٿا. هن گل جون پاڙون، کلون، پن ۽ گل ڪاڙهو ٺاهي ٺاريندڙ دوا (Emollient) لاءِ ڪم آڻجي. هن گل جا پن ۽ پاڙون ڪنهن به وقت ڪٽائي ڪجن، جيڪي ڪٽائي بعد ڌوئي، ڳترا ڪري اُس ۾ سڪائجن، هن جا پن لپري ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا. هن گل جا پن ڪاڙهو ٺاهي بخار لاءِ ڪم آڻجن ۽ بلغم ڪڍن ٿا. هن گل جي پنکڙين مان تيار ٿيل تيل وارن جي سنڀال لاءِ ڪم اچي ٿو. هن جا گل کاڄرو ٿين ٿا جيڪي سامونڊي ٻيٽن تي سلاد (Salads) ۾ ڪتب اچن ٿا. هن جي گلن جو مواد ٻوٽن جي چمڪ لاءِ ڪم اچن ٿا. هندستان ۾ هن گل جو ڳاڙهو قسم ديوي جي پوڄا لاءِ ڪم اچي ٿو. هن جا ڳاڙها گل جلاب، رت جو داٻ گهٽائڻ، دماغي ڳوڙهين جي علاج، نخار، سوڄ ۽ بڪين جي عملي طاقت لاءِ ڪم اچي ٿو.
هن گل جا اٽڪل 300 قسم ٿين ٿا. هيءُ خوبصورت هجڻ ڪري گهڻو پوکيو وڃي ٿو. هن گل جا پن ساوا ڏنڊيدار ۽ گل پنج پنکڙين وارا گلابي، ڳاڙها، سرخ واڱڻائي، نارنگي يا پِيلا ٿين ٿا، جيڪي ٿوري زندگي پر لڳاتار گل جهليندڙ آهن. هي گل ٻوٽو سڌو ٿئي ٿو، جنهن جو قد 3 کان 12 فوٽ اوچو ٿئي ٿو. هن جا پن بيضوي چمڪدار ساوا، ڏنديدار ۽ جدا جدا ٿين ٿا. جڏهن ته گل وڏا ۽ ڪنڊ مان نڪرن ٿا. هن جي ڦل کي ڏينو (Capsule) چئجي ٿو.
سدا گلاب جي واسطي زمين لٽاسي يا چيڪي لٽاسي، جنهن جي سٺي ساخت، نامياتي مادو جهجهو ۽ سٺي نيڪال واري هجي. هي گل قلمن ذريعي واڌ ڪري ٿو، جنهنڪري گلڪاري واريون ٻاريون بهتر نموني تيار ڪجن. هن گل جي پوکي خوبصورتي واري ٻوٽي طور ٿئي ٿي. سندس واڌ ويجهه لاءِ قلم تيار ڪيا وڃن ٿا. هن قسم جي ٻوٽي کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ گرم آبهوا وارا ٻوٽا جيڪي مڪمل سج جي روشني ۾ ٿين ٿا. اهي ٻوٽا جيڪي خراب آبهوا ۽ ماحوليات جي انتها ۾ ٿين ٿا ۽ اهي ٻوٽا جيڪي آلاڻ، بهتر نيڪال واري زمين جنهن ۾ نامياتي مادو گهڻو هجي.
هن ٻوٽي جا قلم بهار جي موسم ۾ تيار ڪري لڳايا وڃن ٿا. ان لاءِ جڏهن قلم پاڙون ڪڍڻ بعد ۾ لڳايا وڃن. ٻوٽا لڳڻ بعد پنهنجي واڌ جي شروعات ڪندا. ٻوٽن جا قلم قطارن ۽ ٻوٽن جي 3 کان 4 فوٽ وٿي تي لڳائجن ۽ ٻوٽا لڳائڻ بعد جلدي جلدي پاڻي ڏجي ته جيئن کين سوڪهڙي کان بچائي سگهجي.
هيءُ گل خوبصورتيءَ لاءِ پوکيا وڃن ٿا. هن گل جي ڪجهه قسمن مان ڌاڳو ملي ٿو، جيڪي پڻ ڪاغذ ٺاهڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. هن مان بوٽ پالش تيار ڪئي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو